This is default featured slide 1 title

Go to Blogger edit html and find these sentences.Now replace these sentences with your own descriptions.

This is default featured slide 2 title

Go to Blogger edit html and find these sentences.Now replace these sentences with your own descriptions.

This is default featured slide 3 title

Go to Blogger edit html and find these sentences.Now replace these sentences with your own descriptions.

This is default featured slide 4 title

Go to Blogger edit html and find these sentences.Now replace these sentences with your own descriptions.

This is default featured slide 5 title

Go to Blogger edit html and find these sentences.Now replace these sentences with your own descriptions.

Tuesday, 28 February 2017

شاگردن_لاءِ_خوشخبري

#شاگردن_لاءِ_خوشخبري

سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ جيڪي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن لاءِ يونيورسٽي ۾ مفت پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست نمبر 2013/2248 تي سنڌ هائي ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ۽ عشر زڪوات اداري کي سنڌ هائي ڪورٽ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي تہ اهڙن سمورن شاگردن کي جيڪي غريب گھراڻي سان تعلق رکن ٿا انهن جي تعليم جو سمورو خرچ عشر ۽ زڪوات ڀريندي، کين وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو تہ 3 مهينن ۾ شاگردن جي لاءِ انٽرنيٽ تي ويبسائيٽ ٺاهي وڃي، تہ جئين سنڌ جي سمورن غريب گهرن سان تعلق رکندڙ شاگرد سرڪار طرفان تعليم لاءِ ڏنل وضيفو حاصل ڪري سگهن. انهيءَ ڪيس ۾ اها ڳالھ بہ مڃي وئي تہ ڪاليج سائيڊ ۾ ٿيندڙ بي اي، ايم اي، بي ايس سي، بي ايڊ، ايم ايڊ سميت سمورين امتحانن جي فيس بہ عشر ۽ زڪوات ادارو ڀريندو. اهڙا نوجوان جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا پر مالي مشڪلات جي ڪري سندن تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب اڌورو رهجيو وڃي انهن جو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جو خواب هاڻي پورو ٿيندو. اهو بہ سرڪاري خرچ تي. عشر ۽ زڪوات اداري کان اهڙا فارم جنهن جي ذريعي پڙهائي جو خرچ حاصل ڪري سگهبو اهي هائي ڪورٽ ذريعي حاصل ڪيا ويا آهن. جيڪي توهان جي امانت آهن. اهي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪري سگهو ٿا.

دعاگو،
ايڊووڪيٽ روشن علي عظيم ملاح حيدرآباد.
وڌيڪ معلومات لاءِ رابطو ڪريو. 03332536709

(نوٽ، جيترو ممڪن ٿي سگهي اڳتي شيئر ڪريو تہ جيئن وڌ کان وڌ غريب شاگرد فائدو حاصل ڪري سگهن)

تعليم واري وزير به ڪاپي روڪڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو!

تعليم واري وزير به ڪاپي روڪڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو!

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر جو بيان پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪاپي کي روڪڻ ڏکيو آهي ۽ هو ڪاپي ڪندڙن اڳيان مجبور آهي. ٻيو ته ٺهيو تعليم وارو وزير به ڪاپي نٿو روڪرائي سگهي. مون کي انهي تي 1988ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير قاضي اختر پاران ڏنل بيان ياد آيو، جنهن ۾ هن حڪم جاري ڪيو هو ته ڪنهن به ضلعي جي اسڪول ۾، جيڪڏهن ڪاپي ٿئي ته ان جو ذميوار ڊپٽي ڪمشنر هوندو. چون ٿا ته ان سال سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ شاگرد امتحان ۾ فيل ٿيا هئا. اسان مسئلن تي ضرور سوچيندا آهيون پر انهن جي سببن تي گهٽ ئي سوچيندا آهيون. اسان وٽ امتحان شروع ٿيڻ وارا آهن. وزير تعليم طرفان روايتي طور قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ٿيندو، ڪجهه شاگردن تي ڪاپي ڪيس به ڪيا ويندا پر، ان ڪلچر کي روڪڻ لاءِ ڪو جٽادار حل نه ڪڍيو ويندو. سڄي تعليمي سال دوران ڪلاسن ۾ هفتيوار، پندرنهن روزه يا وري ماهوار ٽيسٽ وٺڻ جو ڪو نظام ناهي. استاد مضمون پڙهائڻ دوران گائيڊ جو سهارو وٺندا ته شاگرد انهن کي ڏسي ڇا پڙهندا؟ استادن جي اڪثريت ڪلاسن ۾ تياري سان نٿي اچي. جڏهن استادن کي پڙهائڻ جي تربيت ئي نه مليل هوندي ته اهي سٺو ڪيئن پڙهائي سگهندا؟ الف اعلان جي آيل رپورٽ موجب سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ٻارن کي سنڌي صورتخطي لکڻ به نٿي اچي. اهو آهي اسانجو تعليمي معيار.

تعليم رڳو #نوڪري لاءِ نه حاصل ڪريو

#تعليم رڳو #نوڪري لاءِ نه حاصل ڪريو..

اسان وٽ تعليم ته آهي پر اها معياري ناهي. ڇاڪاڻ ته معياري تعليم انسان ۾ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت وڌائي ٿي ۽ تنقيدي شعور پيدا ڪري ٿي. اسان وٽ جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي، ان ۾ شاگردن کي صرف اهو پڙهايو ويندو آهي ته فلاڻي ڊگري وٺڻ کانپوءِ فلاڻي نوڪري ملندي. فلاڻي ڊگري وٺڻ سان سرڪاري نوڪري ملندي ۽ فلاڻي ڊگري سان ڪنهن خانگي اداري ۾ نوڪري ملندي. دنيا جي معياري تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي ته تعليم صرف نوڪري وٺڻ لاءِ نه حاصل ڪريو پر، سوچڻ، سمجهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ سکڻ لاءِ حاصل ڪريو. معياري تعليم کانسواءِ سنڌ ۾ بنياد پرستي ۽ انتهاپسندي کي به روڪي نٿو سگهجي.

عبداستار ايدي

سلام گوگل....شرم حڪمرانن لئه.....

انسانيت جي عظيم خذمتگار عبدالستار ايڌي کي جنم ڏينهن جي حوالي سان گوگل وارن هن طرح خراج پيش ڪيو آهي..

پر حڪمرانن کي شرم نٿو اچي....

جيڪي پنهنجي سياسي ابن ڏاڏن جي سالگرهن ورسين تي ته ڪروڙن جا اشتهار جاري ڪندا آهن پر ايڌي جهڙي عظيم ماڻهون کي ياد ڪرڻ جي کين فرصت ناهي.

Monday, 27 February 2017

Job Opportunities



& Different News:
(Like Education, Scholarship
Health, JobsAdmission & Others).
For Clear result please perceive respective news papers.
Courtney Newspapers: Daily KAWISH, EXPRESS, DUNIYA, JANG, JEHAN PAK in Different Edition.
Dated; 28/02/2017